ميھڙ (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ علي حيدر شيخ پاران ميھڙ ۾ کليل اسڪولن جو نوٽيس وٺندي ميھڙ جي ڪي جي اسڪول، روز گارڊن ،روشن تارا اسڪول، بلاول پبلڪ اسڪول، پئرامائونٽ اسڪولن سميت 6 اسڪولن تي اوچتا ڇاپا ھنيا، جتي اسڪول کليل ھئا ۽ اسڪولن اندر ڪلاس ھلي رھيا ھئا. اسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ علي حيدر شيخ ان موقعي تي اسڪول انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي اسڪول 6 جون تائين بند رکڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ چيو ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاء سرڪار پاران اعلانيل حڪمن تي ھر حالت عمل ڪرائبو ڪجھ خانگي اسڪول پاليسي جي ابتڙ ھلي رھيا ھئا جن کي بند ڪرائي لاڳاپيل کاتي کي آگاھ ڪيو آھي.