ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس روڊ تي سٽي هوٽل وٽ موٽر سائيڪل تي سوار 3 نامعلوم هٿيار بند ڦورن هٿيارن جي زور تي صحافي فقير محمد عظيم جانوري جي پٽ سهيل جانوري ۽ شهري اتحاد اڳواڻ نظير جانوري جي پٽ بلاول جانوري کي يرغمال بڻائي کانئن موٽر سائيڪل ،25هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن واقعي جو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.