ميھڙ (ن پ ا) 8محرم الحرام جو قافلو حسيني امام بارگاھ وٽان انجمن حسيني جي صدر و متولي سيد ثابت علي شاھ جي اڳواڻي ۾ بر آمد ٿيو جيڪو روايتي روٽن جي رستن تان گذرندي حسيني امام بارگاھ جي دروازي تي اختتام پذير ٿيو، قافلي جي نگراني مرڪزي امام بارگاھ جي متولي سالار قافلا سيد منظور علي شاھ ڪاظمي ڪيئي،قافلي ۾ شھر جي تمام مقامي انجمنن پاران نوحي خواني ڪئي.ان موقعي تي وحدت اسڪائوٽ ۽ ميھڙ پوليس پاران قافلي جا سڪيورٽي انتظام سخت ڪياويا.