ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ لڳ ڳوٺ محمد خان چنڊ جو رهواسي پ پ پ جو پراڻو جيالو حاجي خان منگي جي بيماري بابت روزاني پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ ۽ ٽائيم نيوز تي رپورٽ هلڻ بعد پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو ۽ ايم اين اي عرفان ظفر علي لغاري سندس پٽ فاروق منگي سان موبائيل فون تي رابطو ڪيو آهي ۽ سندس بيمار والد حاجي خان منگي جي بيماري بابت معلومات ورتي آهي ۽ سندس والد جي سهائتا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي، ان موقعي تي جيالي جي پٽ فاروق منگي پ پ اڳواڻن کي ٻڌايو ته بابا دل ،گڙدن ۽ معدي جي بيماري ۾ مبتلا آهي، سندس علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي،هن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي والد جو علاج ڪرايو وڃي.