کپرو (ن پ ا) اسلام آباد پارليامينٽ لاجز ۾ لال مالهي جي فليٽ مان هٿ آيل کپرو واسي سنتوش ڪمار جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس مامي روي حوالي ڪيو ويو جيڪو لاش کي ايمبولينس ذريعي کپرو لڳ ڳوٺ ڪانڀو دڙو کڻائي آيو، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪيون ويون. جڏهن ته پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي به شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي لال مالهي چيو ته سنتوش منهنجو گهر ڀاتي هو منهنجو فيملي ڊرائيور هو، هتي اچڻ ضروري هو جنهن ڪري پوليس کان وڌيڪ تفصيل ناهيان وٺي سگهيو صاف شفاف جاچ ٿيندي انصاف ٿيندو. ٻئي طرف هن جي والد موجب ته منهنجي پٽ جي موت بابت صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي جيڪاوڍيو ملي آھي اها زوري ته ناهي ڀرائي وئي يا هن خود ڀري آھي ڪيترا وهم ۽ شڪ پيدا ٿي رهيا آھن. ٻئي طرف ميگهواڙ اتحاد اڳواڻ گلاب ميگهواڙ جو چوڻ آھي ته واقعي جي مڪمل جاچ پڙتال لاءِ هر رخ کان جاچ ڪرائڻ لاءِ اسان اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا، سنتوش جو قتل يا خودڪشي واري معامري جي عدالتي جاچ ٿئي ته جيئن هن جي خون سان انصاف ٿئي.