مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ 16 کان مٿي انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ مڱڻيجا ڪلهوڙا خوني تڪرار جي نبيري لاءِ ميڙ منٿ قافلو جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهتو، ڌرين پاران فيصلي لاءِ مشروط راضپو ظاهر، ميڙ منٿ قافلي پاران جلد برادرين جي چڱن مڙسن ۽ علائقي جي معززن سان ملاقات ڪري فيصلي جي تاريخ مقرر ڪرائڻ جو اعلان. رپورٽ موجب ڪچي جي علائقي ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو ۽ ڳوٺ ميرل ڪلهوڙو ۾ مڱڻيجا ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ گذريل 12 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سماجي اڳواڻ شائسته کوسو، ناياب سرڪش سنڌي، احمد نواز ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهتو، جتي ڌرين جي چڱن مڙسن پاران آيل ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڪلهوڙا برادري جي چڱي مڙس ذوالفقار ڪلهوڙو چيو ته اسان وٽ اوهان لاءِ عزت آهي، اسان هڪ شرط تي فيصلو ڪرڻ لاءِ راضي آهيون ته پهريان اسان جي برادري جي چڱي مڙس معظم عباسي کي راضي ڪريو، بعد ۾ اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو، جنهن تي ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل اڳواڻن پاران معظم عباسي سان جلد ملي مامرو حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو، هوڏانهن غازي امان مڱڻيجو ۽ عاشق حسين مڱڻيجو ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي جهيڙو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هنن چيو ته اسان فيصلي لاءِ راضي آهيون اوهان جيڪا تاريخ مقرر ڪندا اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو، بعد ۾ خير جي دعا گهري وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، شائسته کوسو، احمد نواز ناريجو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته برادرين جا جهيڙا سنڌي قوم لاءِ نقصان ڪار آهن، ڪوڙي انا جي خاطر سنڌ جا ڪونڌر پٽ ڪسجندي ڏسي نٿا سگهون، هنن چيو ته اسان سڀني کي سمجهڻو پوندو ته سنڌ اسانجي ماءُ آهي ۽ اسان کي ذاتي جهڙن بدران ان ماءُ جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي، هنن چيو ته اسان کي ضد اسان جي ڪاوڙ سنڌ دشمنن خلاف هجڻ گهرجي، ياد رهي ته 12 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 16 ڄڻا مارجي چڪا آهن.