دادو ( رپورٽر ) ام رباب چانڊيو جي پيء مختيار احمد ، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل رائل ڪورٽ ۾ ٿي ام رباب چانڊيو ۽ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهان خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ، ڪيس ۾ نامزد ڪيل فريدآباد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر ٻن جوابدارن جا وڪيل موجود نه هئڻ ڪري فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ام رباب چيو ته هميشه هي ڀوتار  عدالت مان ڀڄڻ جا حربا هلائين پيا ، هنن 5 سالن تائين اهڙن حربن ذريعي ڊلي ڪرايو آهي، پر عدالت کين وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي ، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عدالت ڪيس تڪڙو هلائڻ چاهي ، اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي ، ام رباب چانڊيو چيو ته ايس ايڇ او ڪريم بخش تي چارج فريم ٿيڻي هئي ان ڪري ٻيهر سمورن نامزد جوابدارن جو پڻ چارج فريم ٿيڻو هو جنهن ۾ سندن وڪيلن جو موجود هئڻ ضروري هوندو آهي ڇو ته چارج فريم ۾ وڪيل ئي پنهنجي ڪلائينٽ کي ڪيس بابت ٻڌائيندو آهي ته توهان تي هي هي الزام آهن.