ٽنڊوباگو(ن پ ا) چار ڏينهن اڳ مبينا طور تي پراسرار نموني باهه ۾ سڙي فوت ٿيل ملڪاڻي شهر جي رهواسڻ سنگيتا ڪولھي جو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي. انساني حقن بابت وڏي وزير جي خاص معاون سريندر ولاسائي جي هدايتن تي ايس ايس پي بدين پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ ڪا به انڪوائري ڪري نه سگهي آهي. جڏهن ته هن ڏکوئيندڙ واقعي خلاف انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي به خاموش تماشائي بڻيل آهن، هتان جو باشعور عوامي طبقو ڏيئي پوليس پاران گرفتار ڪيل پريمي جوڙي سنگيتا ڪولھي ۽ نيول ميگھواڙ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ مائٽن حوالي ڪرڻ تي حيران آهي ته ڏيئي پوليس قانون جي رکوالي ڪرڻ بجاءِ قانون شڪني ڪري سنگيتا ڪولھي کي مائٽن حوالي ڪيو. جن سندس مرضي بنا زوري شادي ڪرائي کيس روانو ڪري ڇڏيو. هتان جي شهرين جمن شاهه، نصر ﷲ جروار، راشد بجير، بلاول پٺاڻ ۽ سهيل سمون چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻن کي اپيل ڪئي آهي ته سنگيتا ڪولھي واري واقعي جي اڻ ڌري انڪوائري ڪري واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنگيتا ڪولھي جو پريمي نيول ميگھواڙ مارجڻ جي ڊپ کان اڻڄاتل هنڌ روانو ٿي ويو آهي.