ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ سي آءِ پوليس ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گهرن تي چڙهائي ۽ ٻن نوجوان جي گرفتاري خلاف چنا برادري دعا چوڪ ٻيٽو روڊ کان گهنٽا گهر چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ گرفتار ٻن نوجوانن ماجد چنا ،عابد چنا جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ان ڏس ۾ ابراهيم ڪالوني ۾ سي آءِ پوليس ۽ ميهڙ بي سيڪشن پوليس پاران چنا برادري سان واسطو رکندڙ عبدالحفيظ چنا ۽ عبدالحميد نا جي گهر تي چڙهائي ۽ ٻن نوجوانن عابد چنا ،ماجد چنا جي گرفتاري خلاف چنا احتجاج ڪمندي الزام هنيو ته 4 ڏينهن اڳ سي آءِ پوليس۽ ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گهر ۾ داخل ٿي سندن ٻن نوجوانن ماجد چنا ۽ عابد چنا کي گرفتار ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جو ڪوڏس پتو ناهي. هنن شڪ ظاهر ڪيو ته سي آءِ پوليس ۽ ميهڙ پوليس گرفتار سندن ٻنهي نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڏسي ماري ڇڏيندي. ڊي آء جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو آهي ته ماجد ۽ عابد چنا کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن هنن تي ڪو ڪيس وغيره آهي ته سندن گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي هنن چيو ته سندن نوجوان کي فورن آزاد نه ڪيو ويو ته سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پوليس خلاف نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جي پٽيشن داخل ڪنداسين.