حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل 9 ڄڻن جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جا باشعور ماڻهو گڏجي قبائلي جهيڙن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو آهي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جا ذميوار عوامي نمائندا ۽ رياست آهن. هن چيو ته سنڌ جڏهن بحريا ٽائون خلاف هڪ آواز ٿي سراپا احتجاج بڻي ته جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن جي محافظ بڻيل رياست ۽ حڪمرانن عوامي جدوجهد جو رخ موڙڻ لاءِ اها خوني راند ڪرائي آهي ته جيئن عوام جو ڌيان قبائلي جهيڙن ڏانهن ٿئي ۽ بحريا ٽائون خلاف احتجاج کي ڪمزور ڪرائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي باشعور ماڻهن کي گهرجي ته هو قبائلي جهيڙن ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانين واري عمل کي روڪڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پڌرائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڌرتي ڌڻين کي اپيل ڪئي ته هو بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي خلاف جدوجهد کي جاري رکندي مستقل مزاجي سان اڳتي وڌن.