خيرپورناٿن (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي گوليمار ڪالوني جي رهواسڻ مسمات لبنيٰ کوسو پنهنجي معصوم ڌيءُ صفيا سان گڏ پريس ڪلب پهچي زارو قطار روئيندي ٻڌايو ته 30 سال اڳ منهنجي شادي علي بخش کوسو سان ٿي هئي، ان مان مون کي پٽاڻو اولاد ڪونهي، ست اٺ مهينا اڳ ڳوٺ شينهن دڙي جا رهواسي منهنجي مڙس جو ڀائيٽيو نظير کوسو، پوٽن عرفان کوسو ، ذوهيب کوسو، ارسلان کوسو ملڪيت ڦٻائڻ لاء هٿيارن جي زور تي حملو ڪري هٿيارن جا بٽ ھڻي زخمي ڪري مڙس کي زبردستي کڻي ويا هئا ۽ عيد جي ڏينهن انهن ملڪيت نه لکي ڏيڻ تان منهنجي مڙس کي گهٽا ڏئي قتل ڪري رات جي پيٽ ۾ ئي دفنائي ڇڏيو ۽ مون کي اهڙو اطلاع پاڙي وارن ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته ظالمن مون سان وڏي نا انصافي ۽ ظلم ڪيو آھي ۽ منهنجي مڙس جي زمين ميهڙ تعلقي جي ديھ پوچاري ۾ آھي ، جنهن مان ٻه ايڪڙ 32 گهنٽا زمين منهنجي نالي تي آھي جنهن تي هنن قبضو ڪري ڇڏيو آھي، هاڻي هو مون کي ڌمڪائي رهيا آھن ته زمين جي باري ۾ ڪڇندي ته تو کي ۽ تنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏينداسين .خيرپورناٿن شاھ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء مون کان پنجاھ هزار روپيا رشوت گهري ۽ پيسا نه ڏيڻ تي هنن به ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس موٽائي ڇڏيو، مون سان انصاف ڪري مون کي منهنجي زمين واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.