جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ مامو ڀاڻيجو ماني کائڻ تان وڙهي پيا، هڪ ٻئي کي پٿر هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل. جهڏو جي هاشم ڪالوني جا رهواسي پورهيت مامو ڀاڻيجو ڀڳت ميگھواڙ ۽ سنيو ميگھواڙ گهر ۾ ماني کائڻ دوران پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي کي پٿر هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جهڏو پوليس موقعي تي پهچي ٻنهي زخمين کي آر ايچ سي جهڏو منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس طبي امداد ڏني وئي جنهن بعد جهڏو پوليس ٻنهي ڄڻن کي جهڏو ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو.