ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ بار ايسوسئيشن جي ميمبرايڊووڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بيئنچ لاڙڪاڻي ۾ ايس ايڇ او بي سيڪشن ميھڙ قابل ڀيو جي خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ ايڊووڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو داخل ڪرايل آئيني پٽيشن ۾ ڄاڻايو آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آئوٽ ٽرن ۽ شولڊر پروموشن خلاف واضح آرڊر جاري ڪيو ھيو جنهن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ۽ پوليس کاتي ۾ “ پيري” طور ڀرتي ٿيل قابل ڀيو بيگناھ ماڻهن کي ماري پروموشن حاصل ڪيا آهن، جيڪا قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. سيڪريٽري قانون ۽ گھرو کاتي جي سيڪريٽري ، آء جي سنڌ ۽ مختلف آفيسرن کي ڌر ڪيو ويو آهي.