حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ۽ غيرقانوني اسلحي واري ڪيس مان ٽن ڄڻن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، منشيات ڪيس مان هڪ جوابدار جي ضمانت به منظور ڪئي وئي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار اسلم بروهي، مانيو عرف ساگر باگڙي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. ٽنڊو ڄام پوليس هلندڙ سال جوابدار اسلم بروهي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1230 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جڏهن ته حسين آباد پوليس جوابدار مانيو باگڙي کان 560 گرام چرس هٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار جواد احمد کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس 2020ع دوران جوابدار خلاف غيرقانوني اسلحي رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جوابدار صابر شاهه جي منشيات ڪيس مان ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سٽي ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي چرس رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري عدالتي حڪم تحت جيل اماڻيو هو. جوابدار وڪيل معرفت عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالتي فيصلي موجب جوابدار هاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ ڪيس جي ٽرائل کي منهن ڏيندو.