ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ڳوٺ علي شير جعفري ۾ پورھيت حاجي چنو جي نياڻي 16 ورهين جي ممتاز، 18 ورهين جي دلشاد، جڏهن ته 3 نوجوان پٽ 22 ورهين جو غلام رسول، 26 ورهين جو خادم حسين ۽ 29 ورهين جو رمضان چنو جهٽڪي جهڙي پراسرار بيماري جو شڪار ٿي هلڻ، ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن، پورهيت حاجي چنو ٻڌايو ته ٻن نياڻين ۽ ٽن پٽن کي ڪجهه وقت اڳ مختلف  وقتن تي جهٽڪي نما بيماري ٿي بعد ۾ سندن حالت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ باوجود فائدو نه ٿيو، هن ٻڌايو ته کيس 7 ٻارڙن جي اولاد آهي جن مان 2 نياڻيون ۽ ٽي پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد اپاهج بڻجي چڪا آهن، نياڻيون ۽ پٽ هلڻ، ڦرڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه وڃائي پٽ تي پيل آهن.هُن سنڌ توڙي وفاقي سرڪار سميت سماجي ادارن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نياڻين ۽ پٽن جو علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي.