تلهار (ن پ ا) تلهار ويجهو ڳوٺ ڀنڀو لغاري وٽ موٽرسائيڪل چوري ڪندي چور سوگھو، ڳوٺاڻن ڪٽڪو ڏئي وليس حوالي ڪيو. تلهار جي ڳوٺ ڀنڀو لغاري ۾ نظير احمد خاصخيلي ساٿي سان گڏ  مين روڊ تان ڏينهن ڏٺي جو سي ڊي  موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن  چورن جي پويان لڳي  چورن کي پڪڙي ورتو. جڏهن ته هڪ  چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڳوٺاڻن پاران چور نظير خاصخيلي کي  ڪٽڪو ڏيڻ بعد تلهار ٿاڻي تي پوليس جي  حوالي ڪري ڇڏيو.