خيرپور (رپورٽر) محرم الحرام دوران ٽرين ۾ سوار هڪ عزادار جي حياتي بچائيندڙ پوليس اهلڪار جميل احمد ڪلهوڙو جي حوصلا افزائي لاءِ وڏي وزير جي صلاحڪار منظور حسين وساڻ پاران ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جي موجودگيءَ ۾ کيس 50 هزار رپيا  روڪ انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار چيو ته پوليس اهلڪار جميل احمد ڪلهوڙو هڪ انسان جي جان بچائي خيرپور پوليس جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي خيرپور ۾ الشهباز انجمن تاجران لقمان پاران پڻ پوليس اهلڪار جميل احمد ڪلهوڙو جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ايس ايس پي خيرپور ۽ انجمن تاجران خيرپور جو صدر لالا عبدالغفار شيخ هو. ان موقعي تي الشهباز انجمن تاجران لقمان جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، چيئرمين گل محمد سهاڳ، صدرالدين منگي ۽ شير عالم پاران ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ ۽ پوليس اهلڪار جميل احمد ڪلهوڙو کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي شيلڊ ڏني وئي، ان کان علاوه کين اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيءَ جون سوکڙيون پڻ ڏنيون ويون.