ميرپورماٿيلي ۾ وحشت جو نشانو بڻجڻ سبب ذهني معذور ناري ڳورهاري ٿي وئي

0
219

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلي ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو، وحشت جو نشانو بڻجڻ سبب ذهني معذور ناري ڳورهاري ٿي وئي، وارثن الزام هنيو آهي ته بينظير ڪالوني ۾ جوابدار اقبال پنجابي ناري سان ڪيترن ئي مهينن تائين زيادتي ڪئي، معذور ناري جَي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو، پوليس کين دلاسا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو، جوابدار گرفتار نه ٿيو.