ڀارتي جيل مان آزاد ٿيل 3 مھاڻا ڪيٽي بندر پھچي ويا

0
220

ڪيٽي بندر(رپورٽر) ڪيٽي بندر جي جنگي سر ڳوٺ جا ٽي ماھيگير چار سالن کان ڀارتي جيل ۾ قيد رھڻ کانپوءِ اڄ ڀارتي جيل مان آزاد ٿي پنهنجي گھر پھتا آھن . آزادي ماڻيندڙ ۾ حسن ملاح، جمن ملاح ۽ واٽو ملاح شامل آهن، ماھيگيرن کي چار سال پھرين ڀارتي نيوي جي اھلڪارن پاڪستان جي سامونڊي حدن مان مڇي ماريندي گرفتار ڪري ورتو هو .جن کي 16 ڏينهن اڳ پارت حڪومت جيل مان آزاد ڪري واگا بارڊر تي پاڪستاني حڪومت حوالي ڪيو ھو .جتي لاھور اسپتال ۾ 14 ڏينهن ھنن کي ڪرو نٽينا ڪيو ويو ھو ء گذريل ڏينهن ھي ٽئي ماھيگير ڪيٽي بندر جي ساحلي علائقي جنگي سر جي ڳوٺ رمضان ملاح پھتا آھن . انھيءَ موقعي آزادي ماڻيندڙ ٻن سڳن ڀائرن حسن ملاح ۽ جمن ملاح جيڪي رمضان ملاح جا پٽ آهن. ھنن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڀارتي نيوي جا اھلڪار پاڪستان جي سامونڊي حدن مان مڇي ماريندي گرفتار ڪري ويا ھئا .ھنن چيو ته اسان 26 ماھيگير ھئاسين .جن مان اسان ٽن ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي . پنج ڄڻا اڳ۾ ئي آزاد ٿي ويا هئا . جڏهن ته باقي 18 ماھيگير اڄان به ڀارتي جيل ۾ بند آھن .ھنن چيوته اسان اسان کي جيل ۾ ماني سان گڏ دال ۽ سبزي کائن لاءِ ڏني ويندي هئي .ڪو ماھيگير بيمار ٿي پوندو ھو ته علاج به نه ڪرائيندا هئا .ھنن چيو ته اڄ اسان چئن سالن کان پوءِ آزاد ٿي پنھنجي گھر پھچي پنھنجن ٻارڙن گھر وارن سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا آھيون .ھنن وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته باقي قيد ماھيگيرن کي به جلد آزاد ڪرايو وڃي.