ڪراچي پوليس جو ڪارنامو: منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ 2 جوابدار آزاد، شھري مٿان ڪيس داخل

0
209
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جو ڪارنامو، منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪندڙ 2جوابدارن کي آزاد ڪري بيگناهه شهري تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، منشيات فروشن جي آزادي خلاف آواز اٿاريندڙ پوليس اهلڪار محمد زبير مقامي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، اهلڪار عدالت کي ٻڌايو ته 22 اپريل 2021ع تي گلستان جوهر مان حسنين حيدر، چوڪيدار ۽ اسرار کي حراست ۾ ورتو، جن مان حسنين حيدر آئيس وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، پر پوليس ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪري اسرار نالي نوجوان تي منشيات جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.