ميرپورماٿيلو/جروار (نمائندن وٽان) ميرپورماٿيلو ويجھو 2 ڏينھن اڳ ڪنڊير شاخ مان اغوا ڄاڻايل ٻن ڄڻن مان ھڪ ڄڻي راحب علي کي بلوچستان جي ڊيرا الھيار پوليس وٽ ظاھر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ٻئي مغوي نوجوان عاشق علي جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او ميرپورماٿيلو خالد ميمڻ ٻڌايو ته لغاري برادري جي ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو ھو، ان مان ھڪ ڄڻي راحب بوزدار مٿان ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ابل ڳڙھي واسي مير خان بوزدار جي فرياد تي 25 ڏينھن اڳ بلوچستان ٿاڻي تي جھيڙي جو ڪيس داخل آهي، جنھن کي بوزدار برادري جي ماڻھن اغوا بعد پوليس حوالي ڪيو آھي، ھن چيو ته ڊيرا الھيار ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ھڪ ڄڻو راحب علي اسان جي حوالي ڪيو ويو آھي، اغوا ٿيل عاشق علي پوليس وٽ ناھي، جنھن جي جاچ ڪري رھيا آھيون، ٻي طرف پوليس ڳوٺ ابل ڳڙھي تي چڙھائي ڪري اغوا جي الزام ھيٺ آيل بوزدار برادري جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن لغاري برادري ماڻهن ميرپورماٿيلو ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي علي شير، مائي عظيما، بشير احمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بوزدار برادري جي ماڻهن ھٿيارن جي زور تي اسان جا 2 ڄڻا اغوا ڪرايا آهن، ڪجھه عرصو اڳ بوزدار برادري جي نوجوان جو لاش ڪنڊير شاخ مان مليو ھو، جنھن جو اسان مٿان الزام ھڻي ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف ڳوٺ ابل ڳڙھي جي رهواسي ڳوٺاڻن نور محمد بوزدار ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بنا جواز پوليس اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري 4 ڄڻا گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيا آھن، لغاري برادري جي ٻن ڄڻن جي اغوا جو اسان مٿان ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي.