فيض گنج (ن پ ا) پڪا چانگ جي غريب آباد ڪالوني مان 2 مهينا اڳ ۾ مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان ناري فرزانا پروين چنو بازياب ٿي نه سگهي آهي، ناري جي بازيابي لاءِ سندس والد لعل خان چني سٽي پريس ڪلب فيض گنج پهچي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته نياڻي فرزانا پروين جي عمر ننڍي آهي، 2 مهينا اڳ جوابدار گهر ۾ گهڙي کيس اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هن چيو ته جوابدار فون ڪري ڀنگ ڪري رهيا آهن، نه ڏيڻ تي صورت ۾ ڌمڪيون پيا ڏين، هن چيو ته غريب آهيان کائڻ لاءِ اٽو ناهي ڀنگ جا پئسا ڪٿان ڀرينداسين؟ هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.