ميرپورماٿيلو واسي نينگر 20 ڏينھن کان لاپتا، گهر ۾ اداسي ڇانيل

0
216

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ پير بخش چاچڙ واسي 15 ورھين جو نينگر 20 ڏينھن کان لاپتا، سندس بازيابي لاءِ پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته 20 ڏينھن اڳ نينگر مصري مانگھراہ ڳوٺ کان جروار ويو ته گھر ناھي موٽيو، پريشان آھيون پوليس مدد نه ٿي ڪري، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آھي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جڏهن ته نينگر جي ڏاڏي مائي نظيران قران پاڪ کڻي پريس ڪلب پھچي نينگر جي بازيابي لاءِ دانهون ڪيون.