ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ سان ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ملاقات ڪئي سينيئر وڪيل يوسف لغاري ۽ ٻين چيف جسٽس کي ميرپور خاص ۾ بينڪنگ ڪورٽ نه ٺهڻ سبب  پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ بينڪنگ ڪورٽ ۽ ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ بينچ جي قيام تي غور ويچار ڪيو ويو.