ميرپورخاص (رپورٽ:روي شنڪر مالھي) ھريش ڪڙيلا مني لانڊرنگ ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، ھريش ڪڙيلا ۽ ٻيا ڀائيوار عدالت ۾ پيش، اھم انڪشاف، ايف آءِ اي عملدارن وڌيڪ ٻن ڀائيوارن جسونت ڪمار ۽ حضرت علي جا نالا ظاھر ڪري ڇڏيا، عدالت ٻنھي جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، 14 جولاءِ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم، ايف آءِ اي عملدارن ٻيھر فائنل چالان پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي، درخواست تي فيصلو نه ٿي سگھيو، ٻڌڻي 14 جولاءِ تائين ملتوي. فاريڪس ٽريڊنگ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الزام ھيٺ آيل ھريش ڪمار ڪڙيلا، سندس مئنيجر چيتن ڪمار ڀيل، ڪاروبار ۾ ٻيا سيڙپڪار، محمد خان پٺاڻ، عبدالجبار ، عبدالقيوم ڪوري، مڪيش ڪمار مالھي ۽ ٻيا ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پيش ٿيا، جتي ڪيس جي جاچ آفيسر يوسف ڪنڀر عدالت ۾ ٻيھر حتمي چالان پيش ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنھن تي عدالت فيصلو نه ڏنو. جڏھن ته ايف آءِ اي عملدار عدالت ۾ وڌيڪ ٻن سيڙپڪارن جسونت ڪمار ۽ حضرت علي جي ملوث ھئڻ جو انڪشاف ڪيو ۽ عدالت کي درخواست ڏني ته ٻنھي جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن ته جيئن ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي سگھي، جنھن بعد عدالت ٻنھي جوابدارن جسونت ڪمار ۽ حضرت علي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري 14 جولاءِ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏھن ته ڪيس جي ٻڌڻي به 14 جولاءِ تي رکي وئي آھي.