ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي کاڻ ناڪي وٽ کاڻ واسي چاڪر مري تي 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري ڪھاڙيون هڻي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وڌيڪ حالت نازڪ ھئڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي سندس علاج ھلندڙ آھي. ڊاڪٽرن پاران سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ٽائون ٻڌايو ته حملو ڪندڙن جي اڃا تائين خبر پئجي ناھي سگهي زخمي جي حالت بھتر ٿيڻ بعد وڌيڪ خبر پئجي سگھندي.