ڀارت کي والاريل ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي ياد ڏيارينداسين: پاڪستان

0
216
ڀارت کي والاريل ڪشمير تي

ڪراچي(م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري جو چوڻ آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير جي مامري تي سلامتي ڪائونسل جي قرار دادن تي عملدرآمد جي ذميواري جي ياد ڏيارينداسين، ڀارت اڄ کان هڪ مهيني جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سڀنالي رهيو آهي، ان حوالي سان رد عمل ڏيندي ترجمان جو چوڻ آهي ته انگريزي الفا بيٽ جي حساب سان هر مييمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي ذميواري هڪ مهيني لاءِ سنڀاليندو آهي، زاهد چوڌري جو چوڻ آهي ته صدر سلامتي ڪائونسل اجلاس کي قانون ۽ ضابطن موجب هلائڻ جو پابند هوندو آهي، سلامتي ڪائونسل جي صدر جي ذميواري اجلاس جو انتظام ڪرڻ هوندو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل وٽ پاس ٿيل قراردادن تي عملدرآمد جي ذميواري ياد ڪرائينداسين، هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي لاءِ قائده قانون جي پاسداري جو احترام ڪندو.