ميئر سان ملاقات..!!

0
104
ميئر سان ملاقات..!!

  هنن ڏينهن ۾ سانوڻي جي برسات جيان سنڌ مٿان مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي به برسات آهي. مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جو سڀ کان وڏو عهدو ميئر جو آهي. ويٺي ويٺي دل ۾ اوچتو خيال آيو ته ڇو نه ميئرن سان ملاقات ڪري ساڻن وڏن شهرن جي صورتحال بابت حال احوال ڪجي. سوچي سوچي ان نتيجي تي پهتس ته سڀ کان پهرين پنهنجي ئي شهر جي ميئر سان ملجي. اسان واري شهر حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري جو نمبر تڏهن کان منهنجي موبائيل فون ۾ محفوظ آهي، جڏهن کان هو قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو هو. فون کڻي واٽس ايپ تي کيس ڪال ڪيم، هن فون کنيو. گذارش ڪيم ته اوهان جا ڪجهه منٽ ملاقات لاءِ کپن. وڏي چاهه سان ملڻ جو آسرو ڏئي جمع نماز کانپوءِ آفيس اچڻ جو چئي ڪال ڪٽي ڇڏيائين. سڄي رات ميئر سان ملاقات لاءِ گفتگو جا پهه پچائيندو رهيس. پهه پچائيندي پچائيندي ذري گهٽ رات گذري وئي پر ميئر سان ملاقات جي اڻ تڻ سبب ننڊ ڪانه آئي. صبح جو سوير اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري اڇا اجرا ويس ڪري ميئر سان ملڻ جي تياري ڪيم. سڄو ڏينهن به ذري گهٽ انتظار ڪندي گذاري ڇڏيم. هر هر واچ کي ڏسي مس وڃي ٽپهري جا 3 ٿيا ته آئون به سهي سنڀري ميئر سان ملڻ لاءِ سندس آفيس پهچي ويس. واٽ تي سوچيندو پئي ويس ته ميئر به مون سان ملاقات لاءِ آتو ۽ اٻاڻڪو ويٺو هوندو ۽ کيس به مون سان ملاقات جي ايتري ئي اڻ تڻ هوندي، جيتري مون کي ساڻس ملاقات لاءِ هئي. سندس آفيس جو مک دروازو ٽپي اندر ٿيس ۽ ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ تي نظر ڦيرائي هيڏانهن هوڏانهن جو جائزو وٺي پڪ ڪيم ته ميئر صاحب آفيس ۾ موجود آهي. ميئر جي موجودگي جو احساس ان ڳالهه مان لڳايم ته سندس وڏي گاڏي ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ جي ان هنڌ بيٺل هئي، جتي ڪجهه وقت اڳ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي جي گاڏي بيٺل هوندي هئي. ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ڪنهن زماني ۾ وڏي چاهه ۽ اتساهه سان جوڙايو ويو هو، جنهن تي پوءِ پيپلزپارٽي جي هڪ اڳوڻي ناظم قبضو ڪري پنهنجي آفيس قائم ڪري ورتي هئي، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ضلعي ناظم به ان آفيس ۾ وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان ويٺل هوندو هو. ناظمي وارا دور پورا ته وري اهو ئي ساڳيو سيڪريٽريٽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي وٽ رهندو پئي آيو ۽ هاڻي جڏهن خير سان ميئرن جو دور شروع ٿيو آهي، تڏهن وري ان سيڪريٽريٽ تي چونڊيل ميئر پنهنجي ڊپٽي ميئر سان گڏ اچي قابض ٿيو آهي. اصل ۾ ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جون آفيسون حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي مک سيڪريٽريٽ ۾ هجڻ گهرجن پر ڇاڪاڻ ته شهر کي صاف رکي ان کي سهولتون ڏيڻ لاءِ قائم ميونسپل ڪارپوريشن جي سيڪريٽريٽ جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن، ان ڪري چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر صاحبان اتي ويهڻ گوارا نٿا ڪن ته جيئن سندن شان ۽ مان ۾ ڪا گهٽتائي نه اچي وڃي.

خير آئون به ڪهڙين ڳالهين ۾ وڃي ڦاٿو آهيان. اصل ڳالهه ته مون کي اوهان سان ميئر جي ملاقات واري اورڻي آهي. آئون ميئر صاحب جي گاڏي کي ڏسندو ذري گهٽ سندس آفيس جي اڳياڙي وارن ڏاڪن سان ٽڪرائيندي بچي ويس. ڪا اجازت وٺڻ بنا ئي ڏاڪڻيون چڙهي ميئر سان ملڻ لاءِ سندس آفيس جو رخ ڪيم ته دروازي جي ڀرسان ويٺل همراهه روڪي ورتو. سندس سامهون رکيل ننڍڙي ٽيبل تي هڪ بنهه وڏو ڪتاب پيل هو، جنهن تي هن ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا نالا پئي نوٽ ڪيا. همراهه اردو ۾ ڳالهائيندي آفيس اچڻ جو سبب پڇيو ۽ جڏهن مون ميئر سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، تڏهن همراهه ذري گهٽ اها سموري معلومات پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪئي، جيڪا عام حالتن ۾ ڪنهن آفيس وڃڻ دوران ڪنهن کان ڪانه وٺبي آهي. همراهه منهنجو حسب نسب لکي هڪ دروازي ڏانهن اشارو ڪري مون کي انتظار ڪرڻ جو چيو. ان دروازي مان اندر داخل ٿيس ته پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏي هال ۾ بيٺل ڏٺم. اندر ڪجهه ڪرسين تي پوليس جون ورديون پاتل جوان ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ ويٺل ڏسي وائڙو ٿي ويس ته ڪنهن ميئر سان ملاقات لاءِ آيو آهيان يا غلطي سان ڪنهن ايس ايس پي يا ڊي آءِ جي جي آفيس ۾ ته داخل ناهيان ٿيو؟ هڪ پوليس اهلڪار شايد مون کي سڃاتو پئي. سلام دعا کانپوءِ هو به پنهنجي ساٿين سان گفتگو ۾ مصروف ٿي ويو ۽ آئون ڄڻ ته اڪيلو هال جون ڪرسيون ڳڻيندو رهجي ويس. ڳچ دير کانپوءِ 3 همراهه هال ۾ داخل ٿيا، انهن مان هڪ همراهه مون کي ڪمانڊو جيان محسوس ٿيو، جنهن اچڻ  شرط ئي رعبدار آواز پڇيو، “ميئر صاحب سان ڪنهن کي ملڻو آهي؟” ادب يا ڊپ ۾ اٿي بيٺس، مون پاڻ ڏانهن اشارو ڪيو ته مون کي ئي ميئر صاحب سان ملڻو آهي. ان ئي دوران مون هڪ ننڍڙي همراهه کي هڪ پرچي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر سان مهٽيندي به ڏٺي. مون کي پڪ ٿي ته اها منهنجي پرچي آهي، جيڪا ميئر صاحب تائين پهچڻ کان اڳ ڏاڙهي رکيل ان ننڍڙي همراهه تائين پهتي آهي، جنهن پرچيءَ کي ميئر وٽ پهچائڻ کان اڳ ئي مروٽي سروٽي ان جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا هئا. ان ننڍڙي همراهه مون کي مخاطب ٿي ٻڌايو ته ساڻس گڏ آيل همراهه ميئر صاحب جو “پي اي” آهي، جنهن ٿورو رعبدار انداز ۾ مون کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آئون ميئر صاحب سان ڇو ملڻ آيو آهيان. مون جڏهن کيس سواليه نگاهن سان نهاريو ته همراهه وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻڌايو ته ميئر صاحب جو چيل آهي ته جيڪو به ماڻهو ساڻس ملڻ اچي، تنهن کان اڳ حال احوال وٺي کيس ٻڌايا وڃن ۽ پوءِ جيڪر ضرورت پوي ته ان همراهه کي ساڻس ملايو. ان ئي صورتحال ۾ دل اندر خيال پيدا ٿيم ته ميئر سان ملڻ جو شوق ڪجهه مهانگو آهي، ان ڪري کسڪڻ ۾ ئي بهتري آهي. آئون همراهه سان مخاطب ٿيس ۽ کيس ٻڌايم ته ميئر صاحب سان مون کي ڪو به ذاتي ڪم ڪونهي، ان ڪري آئون ملڻ بدران ئي ڀلا واپس هليو ٿو وڃان. ننڍڙو ۽ ساڻس گڏ آيل همراهه ان ضد تي هئا ته آئون ڪنهن به طرح کين اهو ٻڌايان ته ميئر سان ملڻ ڇو آيو آهيان؟ آهستي آهستي آئون کسڪي هال مان ٻاهر نڪري آيس. ننڍڙو همراهه به مون سان گڏ گڏ ٻاهر نڪتو ۽ گاڏيءَ تائين رڳو ان ڪري ڇڏڻ آيو، جو منهنجي ساڻس پريس ڪلب تي گهڻي ڏيٺ ويٺ به رهي آهي. شايد هو ڪو پراڻو آڙيڪاپ صحافي هو، ان ڪري هاڻي اچي ميئر جو پاسو ورتو هوندائين. سندس آڙيڪاپ هجڻ جي اها ڊائري به نشاندهي ڪري رهي هئي، جنهن جي ٿولهه مون کي ضرورت کان وڌيڪ محسوس ٿي. همراهه رازداريءَ واري انداز ۾ چيو ته منهنجو نمبر اوهان نوٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن به اوهان کي ميئر صاحب سان ملڻو هجي ته اڳواٽ مون کي اطلاع ڪري ڇڏيندا ڪريو ته جيئن آئون اوهان جي ملڻ جو پورو بندوبست اڳ ئي ڪري ڇڏيان. آئون ميئر سان ملڻ کان اڳ ئي ان جي آفيس مان رڳو ان ڪري کسڪي آيو هئس ته مصنوعي ميئر سيڪريٽريٽ جي گرائونڊ فلور تي جنهن صورتحال منهنجا پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن آئون ڏاڪڻيون چڙهي فرسٽ فلور تي پهچندس ته منهنجا ڪهڙا حال ٿيندا.

ميئر آفيس کان ٿورو اڳيان اچي موبائيل فون ٻاهر ڪڍيم ۽ ڪال ملائي ميئر صاحب کي ٻڌايم ته سائين اوهان سان ملاقات جو شرف خير سان حاصل ٿي ويو. جي هوندس پنهنجي خير جو گهرجائو ته آئينده ڪنهن به ميئر سان ملاقات جي هرو ڀرو خواهش منهنجي من ۾ نه جاڳندي، ڇاڪاڻ ته ميئر سان ملڻ ڪنهن وائسراءِ سان ملڻ کان گهٽ ڪونهي ۽ وائسراءِ سان ملڻ هرو ڀرو ڪنهن جي وس جا ڳالهه ڪانهي.