ڪڏهن ايندو اوچتو ڀِٽُن ۾ ڀُونچال؟

0
140
ڪڏهن ايندو اوچتو ڀِٽُن ۾ ڀُونچال؟

 امرڪوٽ کي ٿر جو گيٽ وي چيو وڃي ٿو، ڇو ته هي شهر ٿر ۽ ناري پٽ جي سنگم تي اڏيل آهي، هتان مٺي، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، رتنور، ميگهار ۽ کوکراپار وڃي سگهجي ٿو. هي امرڪوٽ آهي عمرڪوٽ؟ هن بحث ۾ نٿا پئون، ايئن جيئن هن موضوع: ”مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي عمر ڇو نه؟“ تي بحث نٿا ڪريون. همايون ۽ حميده بانو 1542ع ۾ امرڪوٽ آيا هئا، جتي 15 آڪٽوبر 1542ع تي اڪبر ڄائو هو. تاريخ جي ترقي پسند ليکارين وٽ اڪبر اڄ به روادري، روشن خيالي ۽ سيڪيولرازم جي علامت آهي. هي شاعر اچرج مان ماضي تي ويچار ڪري ٿو:

اَڪبر! تنهنجو سنگ ولادت، عمرڪوٽ ڀرسان،

آنءُ پيو تاريخ تي سوچيان، ڪيڏي حيرت مان! (سانجهي سمنڊ سپون)

مارئي حب الوطنيءَ جو مثالي ڪردار آهي، جنهن کي وقت جو بادشاھ اغوا ڪري امرڪوٽ ۾ قيد و بند ڪري ڌن ۽ اقتدار جي ڏڍ تي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جنهن ذهن ۽ ضمير ۾ مٽي ۽ ماروئڙن جي اُڪير هجي، ان کي خريد ڪري سگهجي ٿو ڇا؟ عمر سومرو جو مارئي کي اغوا ڪرڻ وارو واقعو هڪ حڪمران جي ظالمانه نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿو. وقت جو هر ڪوتاھ انديش آمريت پسند مسندنشين پنهنجي اقتدار جي ٻلوان تي غربت کي ڪمزوري سمجهي هيڻي تي هلان ڪري خريد ڪرڻ آس رکي آهي، پر ڪي ڪردار صدين جي صدا هوندا آهن ۽ انهن جي مزاحمت زمانن جي ضمير کي پئي جاڳائيندي آهي. مارئي جي ڪردار جي وطن دوستي کي شاھ لطيف اُتساھ جي علامت ڪري پيش ڪيو، ۽ اياز به هڪ عام عورت جي ارڏائپ تي چوي ٿو ته انسان جي تقدير غلامي ۾ جڪڙيل نٿي هجي. ڪوٽ ۽ ڪڙا ٽُڪرن ۾ ٽُٽي سگهن ٿا. تقدير ۽ پرارٿنا جا لفظ انهن جي وشواس ۾ نٿا هجن، جيڪي ڪوٽ ڪيرائڻ جو دڳ مزاحمت ۽ جدوجهد کي سمجهن ٿا:

اکين اوٽ سوال، اُڀريو ڪوئي اُڀ ۾_

ڪڏهن ايندو اوچتو ڀِٽُن ۾ ڀُونچال؟

هيئن اسان جو حال، ڪيسين رهندو ڪوٽ ۾؟ (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

ڪنهن تصوراتي جنت کان ڌرتيءَ جو حقيقي وجود وڏي وٿ هجي ٿو. اصل ۾ اوپرو ۽ اجنبي ماڻهو اهو هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ بدران ڪنهن تصوراتي سرڳ جون حسرتون سانڍي مٽيءَ جي مرياڌا تان هٿ کڻي وڃي ٿو:

تون ڇا ڄاڻين، اوپرا، ٿر جي وَلين ٿڌ،

تُنهنجي سوچيل سُرڳ کان، منهنجي وَستِي وڌ،

منهنجي ڪُنيءَ رڌ، جي تون سائُون چَکئين. (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

ساهتڪ رچنا ۾ اِتهاس جي نازبوءِ سان ماضي جي ياد تازي ٿئي ٿي. تاريخ پنهنجي ڳڀ ۾ ڪي لمحا سانڍي رکي ٿي، جيڪي هر دور جي نسل جي ذهن تي ڪي اسڪيچ اُڀارين ٿا. تصور ۽ سوچ ۾ گذري ويل وقت موٽ کائي ٿو. شيخ اياز جي شاعري ۾ تاريخ جا اڻ مٽ آثار موجود آهن. ڪوتا جي اهڙي ڪٿا کي تاريخي پسمنظر سان سمجهي سگهجي ٿو. 1781ع ۾ ڇاڇرو شهر کي مدد خان پٺاڻ لٽيو ڦريو هو. اياز اهڙي وارتا کي سندي وجود تي وار سمجهي ٿو:

مُون کي ئي هِن ڏيھ ۾، مدد خان ڪُٺو،

لهُوءَ مينهن اُٺو، سارو مُنهنجي ساھ تي. (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

هي ٻهڳڻو ڪوي برسات جي زوردار سٽڪي جي آس رکي ٿو، ته جيئن رهزن لڙهي وڃن، ڇو ته رهزنن جي ڪري ڏيھ ڏکارو ٿي پيو آهي. تاسارين جي تِرس تڏهن ئي لهي سگهي ٿي، جڏهن گرجدار ورشا سان گڏ ڇاڇري جي سوچ به بدلجي:

رهزن لوڙهي ڇڏ ريلن ۾،

ڏس! ڪيڏي آ وِھُ ويلن ۾،

گرج گرج ڙي، برس برس ڙي!

تاسارين تي ڪو ته ترس ڙي!

ڇوها! ٿِي نه مٿاڇرو!

ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو؟؟ ( چنڊُ چنبيليءَ وَلِ)

اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ ”اَڪن نيرا ڦَليا“ جو پسمنظر لکي ٿو: ”شاعري سمنڊ جي وير وانگر ڪڏهن ڪڏهن چڙهندي آهي ۽ جڏهن لهي ويندي آهي ته مون کي منهوڙي جي ٺوٺ پهاڙين وانگر ڇڏي ويندي آهي. مون نه رڳو ڪيترائي نظم لکيا، پر ٿر جي پسمنظر سان پنج ڇھ سئو بيت لکيا، جن ۾ مون انسان جي گوناگون جذبات کي سمايو. انهن بيتن ۾ ڀٽائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪوئي پسمنظر نه آهي ۽ انهن ۾ ورلي ڪوئي اهڙو اهم لفظ ڪم آندل آهي، جو ڀٽائيءَ يا ٻئي ڪنهن شاعر اڳ ڪم آندو آهي. مون سوچيو آهي ته، ايئن سنڌ جي سمنڊ، ڪوهستان، لاڙ، وچولي، اُتر جي پسمنظر سان ٻيا بيت لکان، جن ۾ هن ڌرتيءَ سان ”من تو شُڌم تو من شُڌي“ واري ڪيفيت پيدا ڪريان. مون ان ڪتاب جو نالو ”اَڪن نيرا ڦُليا“ رکيو…“ ڪنهن ٿوهر هيٺ واريءَ تي ننڊ ڪرڻ سولي ۽ پُرسڪون ته ڪونهي، پرزندگيءَ جي اهڙي ڪرب مان گذري به جيئڻو پوي ٿو. اياز اهڙي حالت کي روجھ سان تشبيھ ڏئي ٿو، جيڪا رڃ ۽ اُڃ ۾ شڪارين کان ڊوڙندي ۽ لڪندي وجود جي بقا برقرار رکي ٿي:

ڪنهن ٿوهر هيٺان واريءَ تي،

وسرامي آهيان روجھ جيان،

ڄڻ سارا درد زماني جا.

مون دُور هٽايا ٻوجھ جيان. ( اَڪن نيرا ڦُليا)

ٿر ۾ منظم طريقي سان انتها پسندي جا بنياد جنرل ضياءَ جي دور ۾ پيا. انتهاپسند سوچ سان ٿوري مُدت لاءِ سماج ۾ انتشار ته پکيڙي سگهجي ٿو، پر طويل وقت تائين راڄ نٿو ڪري سگهجي! سج اُڀري لهي ويندا آهن، پر ڌرتي ابدي ۽ امر آهي. اياز سج لٿي وقت ڦوڳ جو رتو روپ محسوس ڪري پنهنجي وجود کي ان پهر، منظر ۽ مٽي سان منسوب ڪري ٿو. اهي ڳاهيرا ناسي ٿڙ اصل ۾ ڌرتي جي دائمي ۽ مضبوط وجود جا گواھ آهن:

وارِي اَبناسي،

سانجهيءَ سج لهي پيو.

اڳ کان وَڌ ٿُڙ ڦوڳ جا، ڳاڙهيرا ناسِي… (سورج مُکي سانجھ)

ويراھ واھ ويجهو پاري ننگر سامونڊي بندرگاھ ۽ واپاري مرڪز هو. اياز هن قديم ماڳ پاري ننگر تي جمال ابڙو، محمد ابراهيم جويو ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ ويو هو. هتي جا باشندا جين مت جا پيروڪار هئا. هن شهر سان سڏونت ۽ سارنگا جي پيار ڪهاڻي يادگار آهي. سڏونت اوسواڙ قبيلي جي هڪ واپاري پرم شاھ جي ڌي هئي، جڏهن ته سڏونت ساليواهن نالي راجا جو پٽ هو. هي پريمي هڪ پاٺشالا ۾ پڙهندي عشق جي اڙانگي سفر جا رڻ جهاڳڻ لڳا. رسمن جي اوڙاھ ۾ سارنگا جي شادي اُجين پرڳڻي جي سيٺ سان ٿي، پر سڏونت جوڳي جي روپ ۾ سارنگا سان ملي پساھ پورا ڪيا. اياز ٿو چوي ته ڪارونجهر جي ڏونگر ۾ هن پريم ڪٿا جي گونجار اَپار آهي:

ڪارونجهر ۾ ڪوڪِرا، آڌي اُڀ اَنَنت،

سارنگا سَڏوَنت، رمتي روُيا روھ ۾. (جل جل مشعل جل)

هن وائي ۾ ڀٽياڻي ندي جي تار وهڻ جي آشا آهي. ڪارونجهر تان لهندڙ برساتي نديءَ ڀٽياڻي مان پاڻي گجگوڙ ڪري لهندڙ پاڻي جو پار ئي ڪونهي. هي ندي پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي: پريت پراڻي جو اشارو سڏونت سارنگا جي پريم ڪٿا ڏانهن آهي:

گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڪارونجهر ۾ پَئي پُڪاري، پَل پَل پريت پُراڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!    (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

اسپين جي جنرل فرانسسڪو فرانڪو جي فاشسٽ ڊڪٽيٽرشپ 1953ع تائين لورڪا جي ڪتابن تي ايئن پابندي هنئي جيئن اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” 1964ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” 1968ع ۾، ” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” 1986ع ۾ ضبط ٿيا. جپسي شاعر گارشيا لورڪا اندلس جي وادين ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي زندگي تي لکيو آهي. لورڪا جا گيت خانه بدوش زندگي جي درد جو اهڙو پُرسوز اظهار آهن، جهڙو اياز وٽ آدي واسين جي پيڙاءُ جو ذڪر آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن_3” ۾ لکي ٿو ته: “جيئن ٿر جي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهجي شاعري ۾ پڙاڏا آهن، ايئن اسپين جي جپسين جي زندگي لورڪا جي شاعريءَ تي اثر انداز آهي.” گيت جي اِتهاس پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته ٻڌ مت جا پنٿي سُر ۽ ساز جا هيراڪ هئا، جيڪي پوربي ٻولي ۾ مڌر گيت آلاپيندا هُئا، گيت ۽ سنگيت جو هي سڀاءُ امير خسروءَ کان ودياپتيءَ تائين سُريلي جهنڪار ۾ ملي ٿو. اياز اهڙي ئي ليگيسي جو گيتڪار آهي، جيڪو لورڪا جيان جپسي دراوڙ لوڪ جي ثقافتي رقص راسوڙا جو دلربا منظر چٽي ٿو:

هي ٿڌڙيءَ جي رات، ٿر ۾ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چُپ چُپات،

آئي تنهنجي بات، راسُوڙا رڪجي ويا. ( اَڪن نيرا ڦُليا)

[email protected]