موري ۾ جوابدارن پاران نينگر سان مبينا بدفعلي، وڊيو وائرل

0
168
لاڙڪاڻي ۾ مريض جي علاج بهاني ڀوپي جي نشو ڏئي 3 نينگرن سان بدفعلي، گرفتار
لاڙڪاڻي ۾ مريض جي علاج بهاني ڀوپي جي نشو ڏئي 3 نينگرن سان بدفعلي، گرفتار

مورو(ن پ ا) موري شھر جي سرھيه محلا جي رهواسي اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪندڙ ممتاز علي ساٽي جي معصوم پٽ فراز ساٽي کي جوابدارن مبينا زيادتي ڪري وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

متاثر نينگر کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪندڙ ٽن جوابدارن مٿان مورو ٿاڻي تي نوجوان جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل، گرفتاريءَ عمل ۾ نه اچي سگھي

فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مان اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪندو آھيان منھنجي پٽ فراز ساٽي اسان کي ٻڌايو ته شھزاد زرداريءَ، عادل سولنگي ۽ عزيز سولنگي سان دوستي ھئي جيڪي مونکي ڏيڍ سال اڳ ھڪ جاءِ ۾ وٺي ويا جتي شھزاد زرداريءَ مون سان جنسي زيادتي ڪئي ۽ ويڊيو رڪارڊ ڪيو جنھن کانپوءِ مون انھن سان دوستيءَ ڇڏي ڏني ھاڻي ھو مون کي پريشان ڪندا رھن ٿا جن مان خطرو آهي

فريادي اھو پڻ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن 4.1.2022 تي رات جو دير سان گھر جو دروازو کڙڪايو ۽ منھنجي پٽ کي ٻاھر ڪڍڻ جو چيو جنھن تي جھيڙو پڻ ڪيو ۽ اسان ان وقت ھڪ ڄڻي سجاد عرف سجو ماڇي کي سوگھو ڪيو جنھن تي مجوابدارن ٻين ماڻھن کي گھرائي فائرنگ ڪري اسان کان ان کي آزاد ڪرائي ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا

ھن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي ۽ معصوم پٽ سان ناجائزي ڪئي وئي آهي، جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪري تحفظ ڏنو وڃي