مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ ھارون ماڇي ۾ اوچتو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ٽن پورھيتن عاشق ماڇي، امجد ماڇي، جمن ماڇي جي گھرن کي باهه وڪوڙي وئي جنھن جو اطلاع مورو فائر برگيڊ کي ڏنو ويو جنھن جي پھچڻ کان اڳ باهه ڪکاون گھرن کي ساڙي رک جو ڍير بڻائي ڇڏيو. باهه لڳڻ سبب پورھيتن جا 3 گھر ۽ انھن ۾ پيل اناج، ڪپڙا، ھنڌ کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو. ان موقعي تي متاثر گھر ڌڻين احتجاج ڪندي روئيندي ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب اسان جي گھرن ۾ پيل سڀ ڪجهه سڙي ويو آھي ۽ اسان معصوم عورتن ۽ ٻارڙن سميت نٽھڻ اس ۾ بک تي ويٺا آھيون پر ھن مھل تائين اسان وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو ۽ بالا آفيسر پير ڀري نه آيو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مالي سھائتا ڪئي وڃي ته جيئن ٻيھر اجھا اڏي سگھون.