مورو (ن پ ا) لاثاني بورڊ فيڪٽري مورو جي معذور پورھيت بلاول چنا جو معصوم ٻارڙن سان گڏ نٽھڻ اس ۾ مل جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو، هن دانهيندي چيو ته مل ۾ مزدوري ڪندو ھئس، جنھن دوران منھنجي ھڪ ٽنگ ڪٽجي وئي ۽ معذور ٿي ويس، هن چيو ته مون سان انتظاميا سهائتا جو واعدو ڪيو هو پر اهو ھن وقت تائين پورو ناهي ڪيو، هن چيو ته مسڪين آھيان، ٻچا فاقه ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، هن مطالبو ڪيو ته سندس مدد ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،