لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي امدادي ٽيمن ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ 235 ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد ڏيڻ سان گڏ ضرورت جون شيون ورهايون. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي سهڪار سان قائم طبي ڪئمپ جو يونيسيف جي وفد دورو ڪيو.هوڏانهن خيمه بستي ۾ ڳورهاري عورتن، ٻارن، ڪتي جي ڏاڙهيل، چمڙيءَ، الٽين ۽ دستن جي 980 مريضن کي طبي امداد ڏئي کين مفت دوائون ڏنيون ويون.