مسوڀرڳڙي (ن پ ا) سانوڻي جي برساتن کانپوءِ مڇرن جي آزار سبب مليريا سميت مختلف بيماريون ڦھلجي ويون 2 ڏينهن اڳ  مسوڀرڳڙي جي انتظاميا پاران اسپري نه ڪرائڻ خلاف ڳوٺ صاحب خان نونداڻي جي رھواسين غلام سرور اميد علي طيب علي حميد نونداڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته مسوڀرڳڙي جي انتظاميا اسان جي ڀر واري ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي اسان جي قديمي ڳوٺ کي ٻين سھولتن کان ھون به نظر انداز ڪيو ويو آهي پر آفسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ڳوٺ کي مڇر مار اسپري کان به نظر انداز ڪيو ويو آهي ھنن رھواسين ڊي سي حيدرآباد ۽ وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.