مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ سماجي اڳواڻ سيد عديل محمود شاھ پاران يونين ڪائونسل جيئندل ڪوٽ جي ڳوٺ ڪوٽ پير علي شاھ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ ڪراچي جي معروف ڊاڪٽرن ڊاڪٽر صباح امير . ڊاڪٽر برھان . ڊاڪٽر احتشام ڊاڪٽر عريشا بيگ . ڊاڪٽر فرح ۽ ڊاڪٽر شادبير مريضن جو چيڪ اپ ڪري دوائون ڏنيون ڪئمپ تي سوين مريض عورتن . مردن توڙي ٻارڙن پھچي مفت طبي ڪئمپ مان فائدو ورتو ۽ دوائون ورتيون.