ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ صابن دستي ويجهو ڳوٺ مبارڪ خاصخيلي جو چڱو مڙس ۽ مصري شاھ جي درگاهه سنڀاليندڙ ميلو لڳائيندڙ وڏيرو مبارڪ علي خاصخيلي ڪجھه عرصو بيمار رھڻ بعد حيدرآباد جي ھڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻوڪري ويو مرحوم جي مڙھ کي ڳوٺ آندو ويو جنهن جي جنازي نماز ۾  ملھه ايسوسيئيشن جو سرپرست اعليٰ محبوب خان سريوال, رئيس حاجن خان سريوال, يوسي ھاليپوٽا جو اڳوڻو چيئرمين عبدلحق ھاليپوٽو, عرفان ملڪ, جعفر خان جلباڻي, شبير ڪالرو, يونس ٿيٻو, قلندر بخش ٿيٻو, غلام محمد خاصخيلي, پهلوان علي حسن خاصخيلي, احسان خاصخيلي, حاجي عبدالله دستي, نوجوان صحافي معشوق لغاري, عثمان ڪنڀر سميت ھر مڪته فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.