مورو (ن پ ا) مورو جي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ۾ ھيڊ ماسترياڻي، ماسترياڻين ء ڊي اي او ۾ ھلندڙ تڪرار اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي، سيشن جج نوشھروفيروز جي ورتل پاڻ مرادي نوٽيس تي سيڪنڊ سول جج مورو وسيم احمد لاکير ڪالهه ٻيھر اسڪول پھتو جتي ڊي اي او نوشھروفيروز ممتاز علي شاھ، ھيڊ ماسترياڻي فرزانا پروين، پروفيسر محمد  سليمان سيال پڻ بيان ڏيڻ لاءِ پھتا، سيڪنڊ سول جج کي اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ۽ پروفيسر سليمان سيال پنهنجو بيان لکت ۾ پيش ڪيو، جڏھن تي ڊي اي او نوشھروفيروز پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنھن بعد جج واپس روانو ٿي ويو، ان موقعي تي سيڪنڊ سول جج جي آمد دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جا والدين ۽ پاڙيسري بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آڏو بيھي رھيا پر جج سندن بيان وٺڻ بنا روانو ٿي ويو، ھوڏانھن اسڪول معاملي تي اسڪول ۾ پڙھائيندڙ ماسترياڻين جا وارث پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار وٽ پھتا ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو، ھوڏانھن سپلا يونٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن ڊي اي او نوشهرو فيروز ممتاز شاهه جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر عبدالغفار ڪيريو، مير نواز سيال، زاهد حسين سيال ۽ ٻين چيو ته ڊي او نوشهروفيروز گرلا پرائمري اسڪول مورو ۾ ماسترياڻين ۽ هيڊ ماسترياڻي ۾ ٿيل معمولي ڳالھه ۾ ڌُر ٿي بدڪلامي ڪري مُنهن ماري ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.