ميرپورخاص/شاهپور جهانيان (نمائندن وٽان) ٽنڊوالھيار ضلعي پوليس پاران وڪيل سلامت علي لاکو جي گرفتاري ۽ 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ميرپور خاص ۾ وڪيلن جو مذمتي اجلاس ٿيو ۽ شاهپور جهانيان ۾ مختلف تنظيمن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ميرپورخاص ۾ بار ايسوسيئيشن جو ھنگامي اجلاس ڪوٺايو  ويو، جنهن ۾ پوليس جي اھڙي عمل خلاف مذمتي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته بار جي سينيئر ميمبر سلامت لاکو تي ڪوڙا ۽ ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. هوڏانهن شاهپورجهانيان ۾ شهري دوست عوامي اتحاد، لاکا ويلفيئر ايسوسيئيشن، چانڊيا اتحاد، لغاري فورم، سهتا يونٽي ۽ ٻين تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي عبدالوحيد ڏاهري قاسم جاني ٻگهيو، انعام دين بگو، صغر آرائين، ذوالفقار بگو، قطب لغاري ۽ ٻين چيو ته وڪيل سلامت لاکو ڪاروباري، سماجي ۽ معزز شخصيت آھي، جنهن خلاف ٽنڊوالهيار پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي، هنن چيو ته وڪيل اڳواڻ کي پوليس عمر ساند ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بهاني گهرائي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته مٿس بااثر وڏيري غلام قادر مري جي هشي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته وڪيل اڳواڻ کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪيا وڃن.