ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ۾ مهراڻ ورسٽي انتظاميا پاران لڳرايل بلڊ ڊونيشن ڪئمپ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ تي شاگرد ڪلديپ ڪمار جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف مهراڻ ورسٽي جي شاگردن ريلي ڪڍي ورسٽي جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ٻن ڪلاڪن بعد ورسٽي انتظاميا پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪري شاگرد فوت ٿيڻ واري معاملي تي 5 رڪني  جاچ  ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن بعد شاگردن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، جاچ ڪاميٽي ۾ ڪنوير ڊين فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ سول انجنيئرنگ خان محمد بروهي، ميمبر ڊاڪٽر انيل ڪمار ڊين فيڪلٽي آف سائنس ٽيڪنالاجي، ڊاڪٽر تنوير حسين ايڊوائيز اسٽوڊنٽ افيئر، محمد نياز ابڙو ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ رجسٽرار جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو، جاچ مڪمل تائين يونيورسٽي اندر بلڊ ڊونيشن تي بندش ڪئي لڳائي وئي. ٻي طرف  احتجاج ڪندڙ شاگرد امير بخش وساڻ، نويد ڪاڪيپوٽو، اظهر چانڊيو، عذوش لنجار، منصور احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن مهراڻ ورسٽي اندر رت جو عطيو ڏيڻ دوران شاگرد ڪلديپ ڪمار جي طبعيت اوچتو خراب ٿي پئي هئي، جڏهن ته هو شاگرد ڪمزور هو ته پوءِ ڇو زبردستي بلڊ ڪڍيو ويو، اسان سمجهون ٿا ته هي شاگرد جو قتل آهي، ان لاءِ پوليس ۽ ٻيا ادارا جاچ ڪن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته شاگرد ڪلديپ ڪمار جي قتل ۾ انتظاميا ملوث آهي، ڪاميٽي ۾ شاگردن کي شامل ڪري جوڊيشنل انڪوائري ڪئي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.