اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارليامينٽ هائوس جي ڪيفي ٽيريا ۾ به ماهوار گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف، قومي اسيمبلي ۾ مفت ۾ اٽو وٺڻ تي فوت ٿيندڙ شهرين جي مامري توڙي عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج، حڪومتي ميمبرن پاران به حڪومت تي تنقيد، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، سوالن جي وقفي دوران جيمز اقبال ملڪ ۾ گوشت جي گهٽتائي ۽ مهانگائي بابت سوال ڪندي چيو ته گوشت جون پنهنجون ملڪي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ۽ ايڪسپورٽ ڪيو پيو وڃي، واپار جي وزير سيد نويد قمر چيو ته ملڪ ۾ گوشت جي کوٽ نه آهي، پنهنجون ضرورتون ڏسندي گوشت، سبزين سميت گهڻو ڪجهه ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي، تحريڪ انصاف جي ميمبر محمود مولوي چيو ته گوشت ۽ سبزيون ٻاهر موڪليندڙ انڊر انوائيسنگ ڪن ٿا جنهن سان ملڪي خزاني کي نقصان پهچي ٿو، 40 کان 50 سيڪڙو انڊر انوائيسنگ ٿئي ٿي، طاهره اورنگزيب چيو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته ٻڪر ڪهڙا ڊالر ۾ ٿا اچن پوءِ انهن جو گوشت ڇو مهانگو ٿي ويو آهي، هاڻي مرغي به وس کان نڪري وئي آهي، ٻڪر افغانستان اسمگل ڪيا پيا وڃن، پارلياماني سيڪريٽري آغا رفيع الله چيو ته حڪومت 25 هزار رپيا گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪئي آهي پر پارليامينٽ جي ڪيفي ٽيريا ۾ 18 هزار ملي رهيا آهن، ٻاهر ڇا ٿيندو، اسپيڪر فنانس ڪاميٽي کي سڀني ادارن م25 هزار اجرت تي عمل جي رپورٽ وٺڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته اسلام آباد جي ماڊل ڪاليجز ۾ ايم فل استادن کي 20 هزار پگهار ڏني پئي وڃي اها تعليم جي تذليل آهي، جي يو آءِ جي ميمبر عاليه ڪامران پنهنجي حڪومت تي ڏمرجي پئي، رمضان المبارڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي عاليه ڪامران چيو ته اڌ رمضان گذري ويو آهي پر هن وقت تائين جواب ئي نه آيو آهي ته مهانگائي ڪٿان گهٽ ٿيندي،  لاڳاپيل وزارت جواب ڏيڻ جو چيو پر جواب نه ڏنو، مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته هي مامرو گهڻو ڪري صوبن جو آهي ، مولانا عبدالاڪبر چترالي مفت اٽي جي قطارن ۾ لڳل ماڻهن جي موت جو مامرو به قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو پارلياماني سيڪريٽري چيو ته اٽو تقسيم ڪرڻ جو ٻيو ڪوئي طريقو ناهي پر افسوس جو ماڻهو مري رهيا آهن، مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته ماڻهن کي قطارن ۾ بيهاري مارڻ جي بدران اهو اٽو الخدمت فائونڊيشن کي ڏيو اسان پوري ملڪ ۾ در تي اٽو نه پهچايون ته چئجو. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته مان لاڳاپيل وزير سان ڳالهائيندس، پي آءِ جي منحرف ميمبر رياض مزاري چيو ته اسان اخلاقي طور تي مري چڪا آهيون، مفت اٽو وٺندڙن ۾ 80 سيڪڙو حقدار نه آهن، قومي اسيمبلي ۾ تعليم جي پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ڪلم بي بي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ بنون جي قيام جو بل 2023ع پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو، هن بل تحت بنو ۾ عورتن لاءِ تعليمي ادارو قائم ٿيندو.