اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خريف سيزن  لاءِ بروقت پاڻي ورڇ ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ آخرڪار ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف سيزن دوران پاڻي جي موجودگي بابت ورڪنگ پيپر کي حتمي صورت ڏئي ڇڏي،خريف سيزن دوران صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ جي منظوري لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن طلب، ارسا خريف سيزن لاءِ پاڻي جي ورڇ تڪراري ٽه رخي فارمولي تحت ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ڇڏي، سنڌ پاران ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو، تفصيل موجب پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف سيزن لاءِ ارسا صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ جو فيصلو اڃا تائين نه ڪري سگهي، ان حوالي سان 30 مارچ تي ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو هو، واپڊا پاران خريف سيزن لاءِ ڊيمن ۾ موجود پاڻي جو درست ڪاٿو پيش نه ڪرڻ سبب 30 مارچ تي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس بنا ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي ملتوي ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ڪالهه ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي کي واپڊا پاران خريف سيزن لاءِ ڊيمن ۾ موجود پاڻي جو روائيوس پلان پيش ڪيو ويو  آهي، جنهن کي سامهون رکي ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران خريف سيزن دوران پاڻي جي موجودگي بابت ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو آهي، خريف سيزن لاءِ صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏيڻ لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق آڳاٽي خريف دوران پاڻي جي کوٽ 27 سيڪڙو جڏهن ته پاڇاٽي خريف دوران پاڻي جي کوٽ 10 سيڪڙو ڊڪليئر ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران پهرين اپريل کان 10 جون 2023ع تائين آڳاٽي خريف جي سيزن دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ هڪ ڦڙو پاڻي به نه ڇڏڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي 11 جون کان 30 سيپٽمبر تائين پاڇاٽي خريف سيزن دوران ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ جي تجويز تيار ڪئي آهي، ٽيڪنيڪل ڪاميٽي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي کوٽ ۾ حصيدار ڪرڻ کانسواءِ مڪمل گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ پاڻي ٺاهه کي نظر انداز ڪري ٽه رخي فارمولي تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن جي سنڌ پاران مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.