ڪراچي (م ڊ) ايف آءِ اي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ابراج گروپ جا 5 اڪائونٽس منجمد ڪرڻ لاءِ سفارش موڪلي ڇڏيا، ذريعن موجب انهن پنجن اڪائونٽس ذريعي مبينا طور مني لانڊرنگ ٿي، ان سلسلي ۾ رپورٽ اسٽيٽ بينڪ جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ موڪلي هئي، ذريعن موجب جاچ دوران پڪا ثبوت مليا آهن، مني لانڊرنگ ۾ 5 ڄڻا شامل آهن جن ۾ سيد عارف مسعود نقوي، سندس گهرواري ۽ 3 ٻيا آهن، ذريعن موجب ايف آءِ اي جاچ تي جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو، اهو پي ٽي آءِ بندش پيل فنڊنگ ڪيس جي ڪڙي آهي. ذريعن موجب ابراج گروپ جي ذيلي ڪمپني ذريعي مبينا مني لانڊرنگ ٿي، ڄاڻايل اڪائونٽس کي منجمد ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.