اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وچ ۾ اختلاف ٿيڻ جا اطلاع آهن، ذريعن مطابق عمران خان احمد عزيز تارڙ کي سيڪريٽري هائوسنگ پنجاب ۽ فياض موهل کي ڊي جي ايل ڊي اي لڳائڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير کي چيو پر پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاران انهن آفيسرن جي ساک بهتر نه هجڻ جي بنياد تي انهن کي مقرر ڪرڻ کان لنوائي رهيو هو، جنهن تي ذريعن مطابق اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پرويز الاهي کي فون ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ان مامري تي عمران خان ۽ پرويز الاهي ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ بابت به پنجاب حڪومت کي عمران خان هدايت ڪئي هئي، جنهن تي به کيس اهو چيو ويو ته اهو ممڪن ناهي جنهن تي به عمران خان پنجاب حڪومت تي ناراض آهي.