ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر بيرسٽر عابد زبيري ۽ نائب صدر جاويد ڇتاري جي ڪراچي پهچڻ تي شاندار آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي، ان موقعي تي  عابد زبيري چيو ته تحريڪ انصاف، حامد خان گروپ، پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن پاران حمايت ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، هن چيو ته بار جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ لاءِ تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سوش ميڊيا تي منهنجي نالي سان ڪيترائي جعلي اڪائونٽ ٺاهي غلط مهم هلائي وئي، مون  ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي شڪايت ڪئي آهي.