ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان لاھور وڃي شادي ڪندڙ شاگردياڻي دعا زهره اغوا ڪيس جي ٻڌڻي دوران  شاگردياڻي جو معائنو ڪندڙ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر فاطمه رياض عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا تي  ڌمڪين جا الزام مڙهيا آھن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاطمه رياض سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ الزام هنيو آهي ته دعا جو معائنو ڪرڻ وقت صوبائي وزير شهلا رضا کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، مونکي شھلا رضا طرفان دعا جي والد مھدي ڪاظمي ذريعي تحفا ۽ پنج ھزار روڪ رقم ڏني وئي، ان موقعي تي عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر فاطمه کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته پوءِ اوهان ڪنهن جِي ذميواري لڳائي؟ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عظميٰ پڻ نفسياتي ماهر آهي، جنهن دعا جو معائنو ڪيو آھي، ٻڌڻي دوران مھدي ڪاظمي جي وڪيل چيو ته اڄ ڏينھن تائين ميڊيڪل بورڊ ناھي ٺهيو، هن چيو ته  سينئر ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ ٺاهيو وڃي، ٻڌڻي دوران  جسٽس صلاح الدين پنھور ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر فاطمه کي ڌمڪيون ملي رھيون آھن ته کيس تبديل ڪيو وڃي، ھن سان جيڪو ٿيو،  اھو نه ٿيڻ گھرجي، جنھن تي ڊاڪٽر عظميٰ  چيو ته ھن 6 ڀيرا شيلٽر ھوم جو دورو ڪري  دعا جي والدين کان ھسٽري ورتي، منھنجو 20 سالن جو تجربو آھي، مون سان ڪو به مسئلو نه ٿيو آھي، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي دعا جي طبي ۽ نفسياتي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو ٻيهر حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت نفسياتي ماهر ڊاڪٽر عظميٰ کي بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ 15 ڏينهن اندر رپورٽ ماتحت عدالت ۾ پيش ڪري، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ سمورين رپورٽن تي غور ڪري ميرٽ تي فيصلو ڏئي، عدالت چيو ته ڊاڪٽر فاطمه رياض جي الزامن کي نظر انداز نه ڪيو وڃي، ٻئي طرف صوبائي وزير شهلا رضا واضح ڪيو آهي ته ڊاڪٽرفاطمه جا کيس چانهه ۾ زهر ملائي ڏيڻ وارا الزم ڪوڙا آهن،  هڪ بيان ۾ هن چيو ته آئون ڊاڪٽرفاطمه کي نٿي سڃاڻان، هن چيو ته دعا زهره چائلڊ پروٽيشن يونٽ جي نگراني ۾ شيلٽر هائوس ۾ ترسيل آهي، اهو يونٽ منهنجي نه پر سماجي ڀلائي کاتي جي نگراني ۾ اچي ٿو