ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب جي ٽيم ڊفينس جي علائقي خيابان بادبان ۾ بنگلي تي ڇاپو ھڻي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر فياض علوي کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ذريعن موجب جوابدار تي چائنا ڪٽنگ، غيرقانوني اڏاوتن ۽ ڪرپشن جا الزام آھن، نيب ذريعن موجب جوابدار 2013 ع ۾ پرڏيھه فرار ٿي ويو ھو، جيڪو ڪجهه ڏينھن اڳ ملڪ موٽيو ھو. نيب ذريعن موجب جوابدار منظور قادر ڪاڪا جو فرنٽ مين آھي. نيب عملدارن گرفتاري جي سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي