ابوزهبي (م ڊ) دبئي اختيارين ڪورونا وائرس جي حوالي سان رياست ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. دبئي ايئرپورٽ اختيارين موجب متحده عرب امارات جي رياست دبئي جي رهائشي ويزا رکندڙ ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا، دبئي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هاڻي پاڪستانين کي ويڪسينيشن ڪارڊ ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوندي. ايئرپورٽ اختيارين مسافرن کي دبئي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پهريون دبئي اختيارين کان اجازت نامو وٺڻو پوندو، نئين حڪم نامي ۾ 48 ڪلاڪ پهريون پي آر ٽيسٽ ۽ چار ڪلاڪ پهريون ريپڊ ٽيسٽ جو شرط برقرار رکيو ويو آهي ۽ مسافرن جي دبئي پهچڻ تي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي ويندي. حڪم نامي موجب دبئي جي سفر لاءِ نيون هدايتون، پاڪستان، سري لنڪا، نيپال ۽ ڀارت مان ايندڙ مسافرن جي لاءِ لاڳو ٿينديون.