ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا وڌيڪ 86 حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 24004 ٿي ويو، جڏهن ته 3884 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 7.8، ڪراچي ۾ 18 ۽ حيدرآباد ۾ 16 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ 40 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2174 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 48064 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 46526 گھرن، 42 آئسوليشن سينٽرن ۽ 1496 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 1317 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، 107 مريض وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ 2174، حيدرآباد ۾ 163، سکر ۾ 80، بدين ۾ 78، شڪارپور ۾ 75، ڄامشوري ۾ 67، گھوٽڪي ۾ 65، شهيد بينظير آباد ۾ 51، ڪشمور ۾ 42، خيرپور ۾ 37، قمبر ۾ 36، جيڪب آباد ۾ 33، سانگھڙ ۾ 32، مٽياري ۾ 31، ٿرپارڪر ۾ 30، ٽنڊي الهيار ۾ 21، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ۾ 20،20 ، عمر ڪوٽ ۾ 16، دادو ۾ 13، لاڙڪاڻي ۾ 11، ميرپورخاص ۾ 7 ۽ نوشهروفيروز ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا..ڀرياسٽي جي ميمڻ محلي جي رھواسڻ ليڊي ڊاڪٽر رفعت جاويد ميمڻ ڪورونا وائرس سبب ڪراجي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ٻئي طرف پي آءِ اي اختيارين ڪورونا ويڪسين نه لڳائيندڙ ملازمن ۽ آفيسرن کان ڏهاڙي جي بنياد تي ڏنڊ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملازمن تي 300 رپيا ۽ آفيسرن تي روزانو 500 رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو. هوڏانهن ڪراچي ۾ پوليس جو مئجسٽريٽ جا اختيار ملڻ بعد شادي هالن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري شادي هالن جي 6 مالڪن ۽ مينيجرن کي گرفتار ڪري ورتو