ڀٽ شاهه (رپورٽر) پيرآف ڀٽ شاھ سيدگداحسين شاھ لطيفي جو چوڻ آهي ته ملڪ جون بهتري طرف نه پيون وڃن، اسين پاڪ فوج سان گڏ آهيون.عمران خان بهترين سياستدان آهي پرر پاڪ فوج بابت غلط ٻولي ڪنهن کي به نه ڳالهائڻ گهرجي، ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا آفيس جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي سيد گدا حسین شاہ چيو ته سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ لڳي آهي، پوليس کي سياست کان پاڪ رکيو وڃي، عوام جي مفاد خاطر ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿي سگهون ٿا، مختلف پارٽين طرفان رابطا ڪيا پيا وڃن مگر اسان عوام جي مفاد ۾ پنهنجو فيصلو ڪنداسين، لڳي ٿو ته بلدياتي اليڪشن کان اڳ ۾ عام اليڪشن ٿيندي، ڳالهين جا در بند ناهن ڪنهن به اڳواڻ يا پارٽي سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، اسان اڄ به پنهنجي مطالبي تي قائم آهيون ته لطيف جي نگري ڀٽ شاھ کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي، مخدوم خاندان ۾ پيدا ٿيل تڪرار علائقي جي مفاد ۾ نه آهي جنهن لاءِ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀٽ شاهه جي ترقي لاءِ اسان جي خاندان جون خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن، انشاء الله موقعو مليو ته ٻيهر ڀٽ شاھ جي عوام جي خدمت ڪنداسين، ان موقعي تي عمران علي هوت، ڪامران علي وساڻ، صحافي رجب بوزدار ، عبدالجبار راجپوت ، غلام قادر ٻرڙو، الاهي بخش ابڙو، سجاد علي ميمڻ، شاھد ميمڻ، فيروز گل ٿهيم، امير علي بليدي، عرفان علي لاشاري ۽ ٻيا به موجود هئا.