محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي قديمي تاريخي گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ بابت سماجي ورڪر اسماعيل نوناري جي داخل ڪرايل درخواست تي ڪجھه ڏينهن اڳ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺندي سيشن جج نوشهروفيروز کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد ٻه ڏينهن اڳ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيشن جج کان ڊي اي او پرائمري فوزيا عباسي ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي، ان سلسلي ۾ ڪالهه ڊي اي او فوزيا عباسي ڄاڻايل اسڪول جو دورو ڪيو، هن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول اندر سهولتن جي کوٽ آهي، جنهن کي جلد پورو ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکيو ويندو.